شاهباز نامه

شاهباز نامه

شاهباز نامه

شاهباز نامه (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري بزرگ قلندر لعل شهباز جي فارسي ڪلام جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو مخدوم غوث محمد گوهر ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ ۽ ‘قلندر شهباز جي خدمت ۾ نذرانو عقيدت’ جي عنوان سان ليکڪ جا مضمون شامل آهن، جڏهن ته ‘ڪلام بلاغت نظام بابت’ جي عنوان سان نامور شاعر نياز همايونيءَ جو رايو پڻ شامل آهي. هن ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز جي فارسي ڪلام جي سامهون ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏنل آهي، جيڪو نهايت ئي سليس ۽ سادو آهي.
هن ڪتاب جي آخر ۾ قلندر لعل شهباز جي عربيءَ ۾ لکيل مناجات شامل آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو غلام قادر نالي قلندر جي هڪ فقير ڪيو آهي.
128 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي محمد ڪبير، ضلعي نوشهروفيروز مان 1993ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 75 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو